اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? زوب ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور جي پوسٽ تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سي??يو??ٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ ٻن دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سي??يو??ٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ حولدار جمشيد خان جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان جي سي??يو??ٽي فورسز جا جوان دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل ??هن?? شهيدن جون قربانيون هرگز رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.