اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو جي پاڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپ?? کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران ج??ري بي??ن موجب انهن خيالن جو اظهار هن روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گذريل ڏينهن وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، معاشي، واپ??ري ۽ پارلياماني لاڳاپ?? کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي س??ن معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ??ن موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ويلنٽينا مٽوينيڪو جي پاڪستان دوري سان پاڪسان ۽ روس جي لاڳاپ?? کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سندس دوري سان علائقائي امن، ترقي ۽ خوشحالي کي به سگهه ملندي. سيد يوسف رضا گيلاني 2010ع ۾ پنهنجي روس جي دوري دوران صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات ۽ اُن وقت ٿيل معاهدن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبن سميت انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ روس جي معاونت کي ساراهيون ٿا. پاڪستان جي سينيٽ ۾ هڪ اثرائتو پاڪستان – روس دوستي گروپ جوڙيو ويو آهي. عوامي سطح تي رابط?? کي هٿي ڏيڻ ۾ عوامي نمائندا بهترين رهنمائي فراهم ڪري سگهن ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود واپ??ري ڳاڻيٽي کي اڃا وڌائڻ سميت، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪ??ري کي هٿي ڏيڻ لاءِ نو??ن موقعا ڳولهڻ جي ضرورت آهي. نارٿ-سائوٿ ٽرانسپورٽ راهد??ري تمام اهم آهي. ??ن موقعي تي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو سينيٽ چيئرمين پاران شاندار استقبال تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپ?? کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان سان واپاري، اقتصادي، سفارتي لاڳاپ?? کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري ۾ اضافي سميت مختلف شعبن وچ ۾ سهڪار کي به هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته پارلياماني لاڳاپ?? کي هٿي ڏيڻ سان نه رڳو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪ??ري کي هٿي ملندي پر عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ به مدد ملندي.