اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ترڪيه جي 101هين جمهوري ڏهاڙي تي ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل لازوال دوستي جو رشتو آهي، جيڪو وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ترڪ عوام ۽ حڪومت جي لاءِ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه مثالي ترقي ڪئي آهي. ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل لازوال دوستي جو رشتو آهي،جيڪو وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيو آهي.