سرينگر- 05 نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رھندڙ ڪشميري اربع 6 نومبر تي ڄم??ن ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو ملھائيندا ۽ خودارايت واري حق کي حاصل ??رڻ تائين شھيدن جي مشن کي جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مھاراجه ھري سنگھه جي فورسز، ڀارتي فوج ۽ هندو پرستن ڄمون جي مختلف عل??ئق?? ۾ ان وقت لکين ڪشميري جو قتل عام ڪيو جڏھن ڪشميري نومبر 1947ع جي پھرين ھفتي ۾ پاڪستان ڏانھن ھجرت ڪري رھيا ھئا. ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ يوم شھداءِ ڄمون ملھائڻ لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آھ??. شھداءِ ڄمون کي خراج عقيدت پيش ??رڻ لاءِ آزاد ڄم??ن ڪشمير ۽ سڄي پاڪستان ۾ ڀارت خلاف مظاھرا، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ڪيا ويندا. ڪشميري شھيدن جي ق??با??ين کي خراج عقيدت پيش ??رڻ لاءِ مختلف، سياسي، مذھبي ۽ عوامي تنظيمن طرفان خاص دعائن جون تقريبون منعقد ڪيون ويون آھ??. ٻئي پاسي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن شھداءِ ڄمون کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيوآھي. انھن چيو ته ڪشميري ڊگھي عرصي کان ڀارت جي قبضي مان آزادي لاءِ بي مثال ق??با??يون ڏئي رھيا آھ?? ۽ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ڄم??ن ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. ھنن عالمي برادري تي زور ڀريو ته معصوم ڪشميرين تي ظلم بند ڪرائڻ ۽ ڪشمير جي تڪرار کي ڪشميرين جي اميدن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺھرائن مطابق حل ??رڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وڌائي. حريت جي اڳواڻن چيو ته ڄمون ۾ قتل عام مسلمانن جي نسل ڪشي جي شروعات ھئي جيڪا اڃا تائين مسلسل جاري آھ??. هنن چيو ته ڀارت پاران قتل عام ??رڻ جو مقصد عل??ئق?? جي آبادي جو تناسب تبديل ??رڻ ھو. ان دوران ڪشمير ڪائونسل اي يو ڪي جي چيئرمين علي رضا سيد شھداءِ ڄمون کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھ?? ته ڄمون جي شھيدن پنھنجون جانين جو نذرانو پيش ڪري ق??با??يءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو ۽ سموري عل??ئق?? ڄم??ن ڪشمير ۾ حريت جي جذبي کي سٺي انداز ۾ اجاگر ڪيو آھ??. علي رضا سيد برسلز ۾ شھدائي ڄمون جي حوالي سان ھڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان شھداءِ ڄمون جي ق??با??ين کي ڪڏھن وساري نه ٿا سگھون، جن پنھنجون جانيون پيش ڪري ڄم??ن ڪشمير جي ماڻھن جي ھمٿ ۽ حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.