اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ هم آهنگي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان عراق ۾ پاڪستان جي سفير محم?? ذيشان احمد ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب عراق ويندڙ زائرين کي وڌ ک??ن وڌ س??ول??ون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف قدمن تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته زائرين مئنجمينٽ پاليسي وفاقي ڪابينه اپريل 2021ع ۾ منظور ڪئي هئي، پاليسيءَ جو بنيادي مقصد پاڪستاني زائرين کي وڌ ک??ن وڌ س??ول??ون فراهم ڪرڻ آهي. ٻنهي ملڪن جي مذهبي معاملن واري وزارت وچ ۾ ايم او يو جو ڊرافٽ پرڏيهي وزارت ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير زائرين کي س??ول?? جي فراهميءَ جي حوالي سان جلد کان جلد عراقي حڪومت سان ايم او يوز صحيح ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ايم او يو تحت پاڪستاني زائرين کي عراق ۾ وڌ ک??ن وڌ س??ول??ون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. وفاقي وزير ڪربلا ۾ پاڪستان هائوس ۽ وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ جي قيام کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت زائرين کي وڌ ک??ن وڌ س??ول??ون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستاني سفير عراق ۾ پاڪستاني ويلفيئر اتاشين جو انگ وڌائڻ جي تجويز ڏني.