اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالياتي نظام کي عالمي اصولن موجب معياري بڻائڻ ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ لاءِ نهايت اهميت جو گهرجائو آهي. هن اها ڳالهه انٽرنيشنل اڪائونٽنگ اسٽينڊرڊز بورڊ جي ??فد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي آءِ اي ايس بي جو چيئرمين ڊاڪٽر ايڊرياس ڪري رهيو هو. وفد ۾ آءِ اي ايس بي جي ??يمبر جيانچائولو، انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان جي صدر فاروق رح??ان ۽ ايشيا- اوشيانا اڪائونٽنگ اسٽينڊرڊز گروپ جو چيئرمين راڻا عثمان خان شامل هئا. سڌارن ۽ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪميشن (پي آر ايم سي) جو چيئرمين اشفاق ٽوله ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ناڻي واري وزير وفد کي ڊاڪيومينٽيشن ۽ مالي شفافيت ذريعي ٽيڪس آمدني ۾ واڌ لاءِ حڪومت جي جامع پاليسي فريم ورڪ بابت ٻُڌايو. هن مالياتي نظام کي عالمي اصولن موجب معياري بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته اهو ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ لاءِ نهايت اهم آهي. هن جٽادار اقتصادي ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي غرض سان پاليسين جي تسلسل کي يقيني بنائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. ڊاڪٽر اينڊرياس عالمي اڪائونٽنگ جي ??عيارن کي اختيار ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ??يادت کي ساراهيو ۽ عالمي اصولن جي شروعاتي پيروي ڪندڙ ملڪ طور پاڪستان جي تعريف ڪئي. هن انهن ڪوششن کي اڳيان وڌائڻ ۾ آءِ ڪيپ جي ??عاونت کي ساراهيندي مالي شفافيت ۽ صلاحيت ۾ واڌ لاءِ پيشوراڻي تنظيمن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته شفافيت، معيار ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اقتصادي نظام تي اعتماد قائم ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. شرڪت ڪندڙ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل فنانشل رپورٽنگ اسٽينڊرڊز جي ??اڳو هئڻ بابت چئلينجزن ۽ موقعن تي خيالن جي ??ٽاسٽا ڪئي. فاروق رح??ان ۽ راڻا عثمان خان ان باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته آءِ ڪيپ ۽ ايشيا- اوشيانا اڪائونٽنگ اسٽينڊرڊز گروپ ڪهڙيءَ طرح مالياتي رپورٽنگ جي ??ظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آ??ي. ڌُرين پاڪستان جي ??الياتي ڊاڪيومينٽيشن ۽ رپورٽنگ جي ??ظام کي عالمي معيارن ??وجب وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.