اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جو پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ايراني سفارتخاني جي اسٽاف سان گڏ هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وز??ر ميان رياض حسين پيرزاده سان ملاقات ڪئي. وزارت جي ترجمان موجب ايراني سفير وفاقي وز??ر سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وفاقي وز??ر مشڪل وقت ۾ گڏ ??يهڻ تي ايراني سفير جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ايراني قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي خاص محبت ۽ خلوص جو مضبوط رشتو آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ايران ٻه طرفن ن??تن تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.