لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورڪنگ وومن
جي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو
ته پاڪستان ۾ عورتن کي ملڪ جي ترقي ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ ڪردار ادا
ڪرڻ لاءِ برابري جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي
ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ورڪنگ وومن جي قومي ڏينهن جي موقعي
تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ورڪنگ وومن جي قومي ڏينهن تي اسان
پنهنجي معاشري جي تعمير ۽ ملڪ جي معاشي ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان
جي عورتن جي اهم ڪردار ۽ حصيداري کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
عورتون اسان جي آبادي جو اڌ کا?? وڌيڪ حصو آهن، اسان جي ملڪ جي
مستقبل جي جوڙجڪ ۾ عورتون مک ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. جيئن ته
اسان جي قوم جي باني قائداعظم محمد علي جناح صحيح فرمايو هو ته ڪا به
قوم ان وقت تائين عظمت جي بلندين تي نٿي پهچي سگهي جيستائين اوهان جون
عورتون اوهان سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نٿيون هلن. اڄ اسان هن عزم کي
ورجايون ٿا ته پاڪستان ۾ عورتن کي ملڪ جي ترقي ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽
ڪردار ادا ڪرڻ جا برابر جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته
عورتون تعليم ۽ صحت جي سارسنڀال کا?? وٺي ڪاروبار ۽ عوامي خ??مت?? تائين
مختلف شعبن ۾ قائداڻي عهدن تي نمايان خ??مت??ن سرانجام ڏئي رهيون آهن.
عورتن جون خ??مت??ن پيشيوراڻي ميدان کا??سواءِ خاندانن جي پرورش ۽ ايندڙ نسلن
کي پرگهور جي حوالي سان به اڳيان آهن. وزيراعظم چيو ته عورتن جي اهم
ڪردار کي تسليم ڪندي حڪومت ڪم ??ند?? عورتن جي مدد لاءِ ڪيترائي قدم
کنيا آهن، جنهن ۾ عورتن ۾ ڪاروباري صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ نوجوانن کي بنا
وياج قرضن جي فراهمي، عورتن جي تعليم ۽ راندين جي ترقي لاءِ انڊومنٽ فنڊ
جو قيام شامل آهن، عورتن کي ٻٽي ذميوارين ۾ انهن کي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ
ادارن ۾ ڊي ڪيئر مرڪزن جو قيام به هر اداري لاءِ لازم قرار ڏنو ويو آهي.
وزيراعظم چيو ته اسان عورتن جي مهارت ۽ قابليت کي وڌائڻ لاءِ خصوصي
تربيتي پروگرام به شروع ڪيا آهن ته جيئن انهن کي بااختيار بڻائي سگهجي ۽
هو سرڪاري ??وڙ?? نجي ادارن ۾ اعليٰ عهدن تائين پهچي سگهن. وزيراعظم
چيو ته اسان جي حڪومت هڪ اهڙي مستقبل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جتي
عورتن لاءِ اعليٰ عهدن تائين پهچڻ معمول هجي. وزيراعظم چيو ته اچو اسان
??ند?? عورتن کي درپيش چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۽ عورتن لاءِ ??م جو اهڙو
ماحول فراهم ڪرڻ جو وچن ڪريون جتي اهي ترقي ڪري سگهن. انهن جي
صلاحيتن کي ڪتب آڻي اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ٿا ته عورتون
پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون رهنديون. ا