اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي) تر??يه جي ??فا??تخاني جي تعاون سان ”ورلڊ تر??ش ڪافي ڊي“ ملهايو جنهن ۾ تر??يه جي شاندار ثقافت ۽ ان جي مشهور ڪافي جي روايت کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب جو مقصد پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ ۽ تاريخي، ثقافتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاڪستان ۾ تر??يه جي سفير عرفان نذير اوگلو، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي عنبرين جان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اسپيشل انيشي ايٽوز ڊاڪٽر دانيال سليم، ڊائريڪٽر نيوز ڊاڪٽر هارون الاهي، انچارج پي ٽي وي ورلڊ نمود مسلم ۽ ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز چوڌري محمد سليم سميت نيوز سينٽر جي ملازمن شرڪت ڪئي. مهمانن جي آجيان ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ گهري ۽ ويجهي لاڳاپن تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ پراڻي ۽ مضبوط ڀائيچاري جو رشتو قائم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تر??ش ڪافي کي تر??يه جي مهمان نوازي جو حقيقي عڪاس قرار ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته ثقافت ۽ فنون جي شعبن ۾ تعاون سان پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ عوام جي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. پاڪستان ۾ تر??يه جي سفير عرفان نذير اوگلو تر??ش ڪافي جي تاريخي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته تر??ش ڪافي رڳو هڪ مشروب نه آهي، هي هڪ شاندار روايت آهي جيڪا صدين کان هلندي پئي اچي، ان جي تياري هڪ ڏکيو عمل آهي جيڪو اسان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جو اظهار آهي. هن چيو ته تر??ش ڪافي گانن ۽ شاعري کي پڻ متاثر ڪيو آهي ۽ ان کي اسان جي تاريخ هڪ نمايان علامت بڻائي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عنبرين جان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ثقافتي، تاريخي ۽ گهرا مذهبي رشتا موجود آهن جيڪي هاڻي گهري اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. ڪافي جي گڏيل محبت اسان کي وڌيڪ ويجهو آندو آهي جيڪا اسان جي گڏيل ثقافتي تعريف جي عڪاسي ڪري ٿي. تقريب ۾ شريڪ مهمان تر??يه جي ڪافي مان لطف اندوز ٿيا ۽ ان کي تر??يه جي مهمان نوازي جو حقيقي تجربو قرار ڏنو. واضح رهي ته پي ٽي وي ثقافتي ??فا??تڪاري ۽ گڏيل روايتن جي ذريعي عالمي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ورلڊ تر??ش ڪافي ڊي جهڙيون تقريبون پاڪستان ۽ ان جي اتحادين جي وچ ۾ بامعنيٰ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ رياستي نشرياتي اداري جي ڪردار جي توثيق ڪن ٿيون.