اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي ??وام خاص طور تي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا ??وندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ڪراچي ۾ چين جي ڪاروباري وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن ۽ چين جي قونصل جنرل شرڪت ڪئي. صدر پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ ??ي زور ڏنو. وفد ملڪي صحت جي ??عبي جي ??رقي جي لاءِ پاڪستان ۾ ميڊيڪل سٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي ??يڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد معيشت جي مختلف شعبن خاص طور ??ي زراعت، لائيو اسٽاڪ، توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ مينوفيڪچرنگ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهرا ۽ تاريخي ڀائراڻا ??اڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين اهم معاملن تي گڏيل مفاد ۽ خيال رکن ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل گهري دوستي آهي، گوادر پورٽ کي هڪ علائقائي واپاري ۽ اقتصادي مرڪز جي ??ور تي ترقي ڏيڻ منهنجو ويزن هو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه سان نه رڳو علائقائي رابطا بهتر ٿيندا پر علائقائي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي پڻ فروغ ملندو،م پاڪستاني چيني سيڙپڪارن کي ڀليڪار چوندو. صدر چيو ته پاڪستان چين سان اقتصادي لاڳاپن ۽ ڪاروبار کي ترجيح ڏيندو، پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته سنڌ ۾ چيني زبان جا ڪورسز متعارف ڪرايا ويا آهن، چيني زبان جا ڪورسز پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو.