اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي معاملن تي اسلام آباد ۾ لاڀائتي م??او??ت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??ريس بريفنگ ۾ چيو ته م??او??ت جي گڏيل صدارت فرانسيسي پرڏيهي وزارت جي گڏيل قومن جي معاملن واري ڊائريڪٽر بيٽريس لي فريپر ڊوهيلن ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يو اي?? ۽ او آءِ سي) سيد حيدر شاهه ڪئي. ترجمان چيو ته ڌرين ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي طور تي پاڪستان ۽ فرانس گهڻ رخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعميري طور تي ڪم ڪندا.