اسلام آباد / نيويارڪ – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ”عوام جي خودمختياري جي عالمي احساس“ بابت پاڪستان جي اهتمام هيٺ فليگ شپ قرارداد منظور ڪري ورتي آهي، اتفاق راءِ سان ??نظور ڪيل قرارداد کي سڄي دنيا جي مختلف خطن مان ??ڏي انگ ۾ ملڪن حماي?? ۽ ??عاون فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب اها قرارداد غيرملڪي قرضي، نئين آبادياتي ڏاڍ ۽ محڪوميت تحت رهندڙ سمورن ماڻهن جي خودمختياري جي نه ڇڏڻ جهڙي حق جي توثيق ڪري ٿي. قرارداد ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ ان??اني حقن جي تحفظ ۽ ترقي جي لاءِ ان حق جو مڪمل اد??اڪ ضروري آهي. بيان ??وجب چئن ڏهاڪن کان ??ڌيڪ عرصي کان ??اڪستان اها سالياني قرارداد انهن ماڻهن جي جاري جدوجهد خاص طور تي جابراڻي قبضن تحت زندگي گذاريندڙن طرف ڇڪرائي آهي جيڪي خودمختياري جي حق کان ??حروم آهن. اها قرارداد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ماڻهن جي خراب حالت تي روشني وجهي ٿي جنهن سان خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي جائز خواهشن جي لاءِ عالمي حمايت کي سگهه ملي ٿي. ان ??رارداد جي متفقه منظوري گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي گڏيل راءِ جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ خودمختياري جي اصول کي مضبوط ڪري ٿي، جيئن ته عالمي قانون بشمول گڏيل قومن جي چارٽر ۽ شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدن ۽ اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حقن ۾ لکيل آهي. بيان ??وجب اهو ان??اف، امن ۽ برابري جي لاءِ عالمي عزم جي پڻ تصديق ڪري ٿو. انهن اصولن جي توثيق ڪندي قرارداد سڄي دنيا جي ماڻهن جي لاءِ يڪجهتي جو هڪ مضبوط پيغام آهي جيڪي غيرملڪي قبضي کان آزادي جي لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن. اها قرارداد نه رڳو غيرملڪي مداخلت ۽ ڏاڍ جي خاتمي جو مطالبو ڪري ٿي پر قبضي تحت ماڻهن جي حقن جي احترام جي اهميت تي پڻ زور ڏي ٿي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان ??عاملي تي پاڪستان جي ثابت قدم قيادت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته خودمختياري جو حق عالمي ڳالهه ٻولهه جي هڪ مرڪزي ٿنڀ جي طور تي برقرار آهي جيڪو سڄي دنيا جي لکين ماڻهن کي اميد فراهم ڪري ٿو جيڪي آزادي جي لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن.