اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستا?? ۽ ??عودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ل??ءِ سعودي عرب سان پارلياماني تعاو?? ۽ ??عليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون وڌائڻ جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي ??وريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن مح??د بن ابراهيم الشيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن شوريٰ ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي ??فير نوفاد بن سعيد المالڪي، پارليامينٽ ميمبر?? ۽ ??عليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر سعودي عرب سان اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستا?? ۽ ??عودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته سعودي عرب سان پارلياماني تعاون سان پاڪ – سعودي عرب ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستا?? ۽ ??عودي عرب جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي قائم آهن. صدر بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ اسرائيلي جارحيت سان پيدا ٿيندڙ وچ اوڀر جي ??نگين صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطين، لبنا?? ۽ ??ام سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. صدر خادمين حرمين شريفي?? ۽ ??هزاده مح??د بن سلمان جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي ??حت، تندرستي ۽ وڏي عمر جي ل??ءِ دعاڳو آهي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پراڻي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي ??وريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن مح??د بن ابراهيم الشيخ پنهنجي پاڪستان جي ??وري کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي چيو ته سندس پاڪستان جي قيادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين شاهه سلما?? ۽ ??هزاده مح??د بن سلمان پاران صدر جي ??حت جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.