اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آسٽريليا جي اڳوڻي اسپنر شي?? وارن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ ??ي دنيا ۾ آنجهاني جينيئس لي?? اسپنر جنهن لي?? اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو، جي کوٽ محسوس ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽر شي?? وارن جي اوچتو لاڏاڻي سان کيس صدمو پهتو آهي. شي?? وارن هڪ جينيئس بائولر هو ۽ هن لي?? اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو. ڪرڪيٽ ??ي دنيا ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي. 52 سالا شي?? وارن هڪ ڏينهن اڳ ٿائيلينڊ جي علائقي ڪوهه سموئي ۾ جتي هو موڪلون ملهائي رهيو هو، دل جو دورو ??وڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. آنجهاني ون ڊي مئچن ۾ 293 ?? ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 708 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون جيڪي لي?? اسپننگ جي موجوده فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. هن ٽيست ڪرڪيٽ جي شروعات 1992ع ۾ ڀارت جي خلاف ڪئي هئي.