لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان فيصل آباد سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر ۽ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ چوڌري محمد عاصم نذير، ن??اب شير وسير، رضا نصرالله گهمن، خرم شهزاد، فرخ حبيب، فيض الله ۽ راجا رياض احمد شامل هئا. قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هنن وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال کان آگاهه ڪندي ان وبا تي ض??بط?? آڻڻ جي لاءِ حڪومتي حڪمت ع??لي تي خراج تحسين پيش ڪيو. ميمبرن ڪورونا وائرس جي وبا د??ران موثر ڪارڪردگي تي فيصل آباد انتظاميا کي پڻ ساراهيو.