اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين صادق سنج??اڻ?? قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ به شريڪ هئا. ملاقات ۾ ٻنهي ايوان?? جي ايندڙ اجلاس?? جي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن موجب هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اجلاس?? جي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي. عوامي مسئل?? جي حل لاءِ عوام جون نظ??ون پارليامينٽ ڏانهن آهن. ايوا?? جي ڪارروائي دوران حڪومت ۽ مخالف ڌر کي سياسي پختگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.