اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ چيئرمين اسد عمر ۽ ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان خان جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، فورم ماسڪ نه پا??ڻ، سماجي فاصلي ۽ واپاري وقتن بابت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ بابت اين سي او سي جي هدايتن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. فورم ويڪسين جي خريداري جي عمل ۽ ان کانپوءِ صوبن کي منصفاڻي ورڇ جي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو، پاڪستان پا??ان خريد ڪ??ل هڪ ملين سائنوفارم ويڪسين ملي چڪي آهي ۽ سمورن صوبن ۾ ورهائي وئي آهي، صوبن کي اهو يقيني بڻائڻو ??هي ته اين سي او سي جي ذريعي مقرر ڪيل ويڪسينيشن هدفن جي ڀرپور پيروي ڪئ?? وڃي.