اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبن سان دنيا ۽ خطي ۾ اقتصادي ترقي جا شاندار موقعا پيدا ٿيندا. اه??ن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن سي پيڪ، پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه، ويڪسين ج?? فراهمي ۾ تعاون، اعليٰ سطحي دو??ن سميت پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن ک?? فروغ ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.