اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ج?? ڏورانهن علائقن ج?? آبادي کي صحت جي سهولتن ج?? فراهمي لاءِ ??يل?? ميڊيسن ڪلينڪس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??يل?? ميڊيسن ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ هيلٿ پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت جي استعمال سان ڊيٽا جي تجزئي ۽ وبائي بيمارين ج?? اڳڪٿي ڪري سگهبي. هو پاڪستان ۾ ??يل?? هيلٿ خدمتن ج?? فراهمي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو نيشنل هيلٿ سروس، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر خواجه، ڪنسلٽنٽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تانيه ايدرس، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊاڪٽر رانا محمد صفدر، ڊائريڪٽر جنرل اين آءِ ٽي بي فيصل اقبال ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروس، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران ??يل?? هيلٿ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ پاڪستان ۾ ??يل?? هيلٿ سروسز جي فروغ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون.