ڪراچي – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي عالمي ڏهاڙو هر سال گڏيل قومن جي ا??تظام هيٺ صحت مند ۽ سرسبز ماحول جي ا??ميت جي باري ۾ آگاهي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، ان جو مقصد اهڙا ماحولياتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده ۽ خاص طور تي ا??ندڙ نسلن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي، هن سال ماحول جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”ماحولياتي نظام جي بحالي“ آهي جنهن جي پوري ا??سانيت فڪرمند آهي، ماحولياتي نظام جي بحالي مان مراد اهو آهي ته جبلن جي چوٽين کان وٺي سمنڊ جي تري تائين ڏٺو ويندڙ ٻوٽن ۽ جانورن کي ختم ٿيڻ جي ڏاڪي کان واپس آندو وڃي، ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ماحولياتي نظام جي بحالي هڪ گڏيل عالمي ذميداري آهي جنهن جي لاءِ وڏي پئماني تي جدوجهد جي ضرورت آهي، پاڪ ب??ريه ماحول جو عالمي ڏينهن تسلسل سان ملهائيندي آهي ته جئين ماحولاياتي نظام جي ا??ميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ۾ خاص طور تي آبي ماحول جي حوالي سان آگاهي کي ف??وغ ڏئي سگهجي، هن سال ڪورونا وائرس جي وبا ??ي احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي ا??ڙين تقريبن جو انعقاد نه ڪيو ويو جنهن ۾ وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت هجي تنهن هوندي به پنهنجي پختي عزم ??ي اظهار سان ماحوليات بابگ آگاهي کي ف??وغ ڏيڻ لاءِ ميڊيا کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي، پاڪ ب??ريه جي ا??لڪارن طرفان هر ڀيري صفائي کانسواءِ پاڪ ب??ريه جي يونٽس ۽ رهائشي علائقن ۾ ماحولياتي نظامن جي بحالي جي قدمن جي حوالي سان پوسٽر ۽ بينرز لڳايا ويا ۽ ڪتابچه ورهايا ويا. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائيم افيئرز جي ا??تمام هيٺ آبي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي ا??ميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار جو اهتمام به ڪيو ويو. آگاهي مهم کانسواءِ پاڪ ب??ريه جي ا??تمام هيٺ مينگروز ۽ وڻڪاري جون مهمون پهرين کان جاري آهن جنهن تحت ساحلي علائقن ۾ 70 لک کان وڌيڪ مينگروز ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻوٽا حڪومت جي ”وڻ پوکيو پاڪستان جي لاءِ“ نظريي موجب پوکيا ويا آهن، پاڪ ب??ريه محفوظ بحري ماحول ۽ ص??ف سٿري سمنڊن جي لاءِ سدائين ڪوشان آهي، امير البحر ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪ ب??ريه جي ا?? عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ماحول جي بهتري خاص طور تي آبي ماحول جي بهتري جي لاءِ سمورا قدم استعمال ۾ آندا ويندا، هن پنهنجي قيادت ۾ پاڪ ب??ريه جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي هدايت ڪئي ته هو ان رخ ۾ پنهنجون ڪوششون هر وقت جاري رکن.