اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مخالف ڌر پاران ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ کي غيرذميواراڻي سياست قرار ڏيندي چيو آهي ته ان عمل مان ثابت ٿي ويو ته مخالف ڌر پارٽيون پارليامينٽ تي به اعتماد نه ٿيون ڪن، مخالف ڌر کي ان غيرذميواري تي سڄي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو، حڪومت پنهنجي پاليسي ۽ موقف تي مضبوطي سا?? بيٺل آهي، مخالف ڌر سا?? يا مخالف ڌر کانسواءِ عوا?? جي ڀلائي، روزگار جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، بدقسمتي سا?? جمهوريت جا دعويدار هر معاملي کي سياست جو رنگ ڏين ٿا، عدالت جي فيصلي، حڪومتي ??يس او پيز جي خلاف ورزي تي پي ڊي ايم پشاور جلسي جي منتظمين ۽ شرڪت ڪ??دڙ قائدين جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڄاڻي واڻي عوا?? جي جان کي خطري ۾ وجه??دڙ قومي ڏوهاري آهن، ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر شديد ترين لهر اچي چڪي آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ احتياط ئي واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت عوا?? جي جان، روزگار، معاشي سرگرمين جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي، ان جي لاءِ سخت پابنديون پڻ لڳايون وينديون. هو ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سا?? بريفنگ ڏئي رهيو هو.