اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سعيد غني صاحب جي لاعلمي تي افسوس آهي، قوم ج?? مال ڦرڻ ۽ ڪوڙن انگ اکرن تي معيشت هلائيندڙن کي اهو به علم نه آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ ??ضا??و ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي 6 ماهي ۾ حاصل ڪيل ٽيڪس 2085 ارب آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 16.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ آمدني واپار ??و تعداد 21 سيڪڙو گهٽ هو جڏهن ته داخلي ٽيڪس يعني انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ ترتيبوار 21.2 سيڪڙو، 34 سيڪڙو ۽ 25.6 سيڪڙو ??ضا??و ٿيو آهي.