اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورو??ا وائرس جي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون دوران باجماعت نماز جي لاءِ مقرر ڪيل اصولن تي عملدرآمد جي حوالي سان عوام پاران ذميواري جو مظاهرو ساراهه جوڳو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ طئي ٿ??ل 20 نقاطي حڪمت عملي جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته اهو ڪيترو زبردست مثال آهي جتي رياست رهنمائي فراهم ڪري ٿ?? ۽ ماڻهو پاڻ ئي ان تي عمل ڪن ٿا.