لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم ??مر??ن خان ڏکڻ پنجاب صوبو قائ?? ڪرڻ جي حوالي سان ??فاق ۽ صوبن مان ??يمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، سيڪريٽريٽ قائ?? ڪرڻ سان انتظامي اختيارن جي منتقلي طرف هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي، ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هو ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن لاهور ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ڏکڻ پنجاب جي جدا صوبي بابت عوامي مطالبي تي موجوده حڪومت پاران عملي اڳڀرائي تي وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام جو پراڻو مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار هو جنهن جي حل جو واعدو ماضي جي حڪومتن ڪيو پر پورو نه ڪيو ويو. ان ??طالبي کي پاڪستان تحريڪ انصاف نه رڳو پنهنجي منشور جو حصو بڻايو پر ان طرف عملي اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن تي هو وزيرا??ظم جا ٿورائتا آهن. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جو قيام اختيارن جي منتقلي طرف اهم اڳڀرائي آهي، ان سان ڏکڻ پنجاب جي عوام جي مسئلن جو حل ملتان ۽ بهاولپور ۾ ممڪن ٿيندو.