ا??لا?? آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوص?? ماڻهن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي خصوص?? ماڻهن جي حوالي سان مستنند دستاويز جوڙڻ جي ضرور?? تي زور ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ صدر سپريم ڪورٽ جي خصوص?? ماڻهن جي حوالي سان فيصلي کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته اهو فيصلو خصوص?? ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي اهميت رک??دڙ آهي. صدر چيو ته خصوص?? ماڻهن جي حوالي سان صحيح دستاويز ۽ انگ اکر جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي معاشري ۾ پنهنجو ڪرد??ر ڀرپور طريقي سان ادا ۽ مالي طور تي بااختيار ٿي سگهن. سپريم ڪورٽ 14 جولاءِ کي پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي حڪم ڏنو آهي ته خصوص?? ماڻهن کي هائوسنگ، ٽرانسپورٽ ۽ نوڪرين سميت عوامي جاين تي سهولتون فراهم ڪن.