اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) ??اڪ??تان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت سدائين ??اڪ??تان کي سفارتي اڪيلائي طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي ج??هن ۾ ان کي ناڪامي ٿي، اسان دوست ملڪن سان لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي پاليسي ٺاهي، ڏکڻ ايشيا جا سموراملڪ ڀارت جي توسيعي پسنداڻي ارادن جو شڪار آهن، چين سان حصيداري کي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي حڪمت عملي ج??ڙي وئي آهي، اڱاري ڏي??هن ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ج?? حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي ه?? چيو ته چين ??اڪ??تان جو پراڻو آزمايل دوست آهي، راهداري ج?? ٻي مرحلي ۾ غربت جي خاتمي ۽ زرعي ترقي کي شامل ڪيو ويو، گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وينداسين. آفريقي ملڪن سان واپاري لاڳاپن جو نئون دور شروع ٿيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي صورتحال ۾ قرضن ۾ رليف لاءِ عالمي سطح تي آواز بلند ڪيو آهي، اڄ پوري دنيا افغان امن عمل ۾ ??اڪ??تان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪري ٿي، پوري دنيا افغان مسئلي ج?? سياسي حل کي ترجيح ڏئي رهي آهي، اميد آهي ته ان جا ڏور ??س نتيجا حاصل ٿيندا، هر عالمي فورم تي ??اڪ??تان ۽ ڪشمير جو موقف پيش ڪيو آهي، حڪومتي ڪوششن سان ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي عالمي فورمز تي اٿاريو آهي. اڱاري ڏي??هن ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ج?? حوالي سان پريس ڪانفرنس ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.