اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪو??ونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪو??ونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??ونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 93 ڪو??ونا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 726 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??ونا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جو تعداد 2 لک 86 هزار 157 ٿي چڪو آهي. اڱاري ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ونا جي 330 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 521 ڪو??ونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 9 هزار 384، پنجاب ۾ 8 هزار 907، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 202، اسلام آباد ۾ 2 هزار 253، بلوچستان ۾ 292، گلگت بلتستان ۾ 351، آزاد ڪشمير ۾ 132 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??ونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 233 ٿي چڪو آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 333، بلوچستان ۾ 13 هزار 321، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 41، اسلام آباد ۾ 15 هزار 762، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 663، پنجاب ۾ 97 هزار 306 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 807 مريض آهن.