اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي ??ي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جا ترڪمانستان سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ روايتن تي ٻڌل آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ترڪمانستان جي پارليامينٽ ج?? چيئرپرسن اڪجانر برديوا ج?? سربراهي ۾ وفد سان هن ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق پڻ موجود هو. صدر زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ميمبرن ۽ ڪميٽين جي وچ ۾ مضبوط ر??بط?? هجڻ گهرجن.