اسلام آباد – 10 مارچ (اي پ?? پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت کي وينٽيليٽر تي ڇڏيندڙن کي عوام پارليامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، (ن) ليگي قيادت جي پ??هنجي معيشت ۽ ڪاروبار ۾ بلڪل بدحالي آئي آهي، وچ مدي وارين چونڊن جي ڳالهيون ڪري (ن) ليگ پنهنجي گراهڪن کي تسليون ۽ پنهنجي ٻڏل سياسي ٻيڙي کي سهارو ڏئي رهي آهي، ڀائي جان بدڪلامي جُون سموريون حدون پار ڪري پ??هنجي ذهنيت جي عڪاسي ڪندي ثابت ??يو ته هو پنهنجي ماءُ، ڀينر ۽ ان جي عزت ۽ توقير کان آگاهه نه آهي، ايم ??يو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن جلد ايم ??يو ايم ٻيهر ڪابينا جو حصو هوندي، ڪرونا وائرس ج?? علاج ۽ روڪٿام ڪندڙ ملڪن ۾ به ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙيو، پاڪستان حفاظتي انتظامن، آگاهي ۽ اسڪريننگ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪ فوج جو مڪمل ڍانچو ان عمل ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران مختلف سوالن جا جواب ڏئي رهي هئي.