اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب صوبي ۾ معياري ??حت جي سهولتن ۽ اسپتالن جي تعمير سان گڏوگڏ موجوده اسپتالن جي بهتر انتظام ۽ انهن ۾ سهولتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته اسپتالن ۽ خاص طور تي نئين قائم ڪيل ??حت جي مرڪزن جي انتظام کي جديد بنيادن تي ۽ منظم طريقي سان هلائڻ تي خاص ڌيان ڏن?? وڃي، ان سلسلي ۾ نجي شعبي جي حصيداري جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ ??حت جي شعبي جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۾ ??حت جي شعبي جي بهتري ۽ اپ گريڊيشن خاص طور تي وفاق جي مدد سان ??حت جي مختلف منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن جي عوام جي لاءِ ثمرن تي تفصيلي بريفنگ ڏن?? وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ??حت جي معياري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان گوجرانوالا، لاهور، بهاولنگر، ليه، راجن پور، اٽڪ، ميانوالي، چڪوال جهڙ شهرن ۾ مختلف اسپتالن ۽ ??حت جي جديد مرڪزن خاص طور تي ماءُ ٻار جي اسپتالن ۽ نرسنگ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي جن جي ڪل لاڳت 80 کان 90 ارب رپيا آهي. هلندڙ سال انهن تي اٽڪل 17 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت جو تعاون گهربل آهي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ ??حت جي معياري سهولتن جي دستيابي خاص طور تي پنجاب جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ دستيابي کي نظرانداز ڪيو ويندو رهيو. هن چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي ??حت بابت ??حت جي مرڪزن تي خاص ڌيان ڏن?? وڃي ڇو ته ان شعبي ۾ سهولتون ناڪافي آهن.