اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڪوويڊ 19 جي خلاف ع??لمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي امداد ??يڻ تي ترڪيءَ کي ساراهيو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽ??ليفون تي ڳالهائيندي چئي. ترڪيءَ جي صد?? عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ??ني ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آيا صوفيه کي نماز جي لاءِ ٻيهر کولڻ تي ص??ر اردوان کي مبارڪباد ??ني ۽ ترڪيءَ جي صدر کي ٻڌايو ته لکين پاڪستانين ٽ??ليويزن تي اهو منظر سڌوسنئون ڏٺو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ڇهين اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ جي صدر طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي خلاف ع??لمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي امداد ??يڻ تي ترڪيءَ کي سارهيو.