اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا ??ائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آ??ن. ??ين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 708 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 21 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنه?? مان 20 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 989 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنه?? مان سنڌ ۾ 9 هزار 273، پنجاب ۾ 11 هزار 388، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 877، اسلام آباد ۾ 5 هزار 453 ، بلوچستان ۾ 688 ، گلگت بلتستان ۾ 372، آزاد ڪشمير ۾ 938 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 20 هزار 65 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 855 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 197 مريض آ??ن. ??ڄي ملڪ ۾ ڪوو?? -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 21 هزار 98 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ??ائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 48 هزار 184 آهي.