ا??لا?? آباد – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان قطر ايئر فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل (پائلٽ) سالم حمد ??لن??بت ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف آف دي ايئر اسٽاف، ايئر مارش?? مجاهد انور خان ۽ پاڪستان ۾ قطر جو سفير سعود عبدالرحمان الثاني به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ق??ر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان قطر سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ ا??تح??ام ۽ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ ق??ر جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي تربيت جي شعبن ۾ تعاون جي ڪافي صلاحيت آهي، قطر کي پاڪستان جي دفاعي مهارت ۽ تربيتي سهولتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.