اسلام ??باد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪورونا وائرس جي ويڪسين حاصل ڪرڻ، استعمال جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سڀ کان اڳ ڪورونا وائرس جي خلاف وڙهندڙ هيلٿ ورڪرز، ٻي ت??جي?? ۾ 60 سالن جي عمر کان وڏن ماڻهن جڏهن ته ٽئين ت??جي?? ۾ ڪورونا وائرس جي عام مريضن کي اها ويڪسين لڳائي ويندي، 2021ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ڪورونا ويڪسين پا??ستان پهچڻ جو امڪان آهي، ڪابينا ڪورونا جي علاج ۾ موثر ثابت ٿيندڙ دوا REMDESIVIR جي 100 ملي گرام ??نجيڪشن جي قيمت 9244 رپين مان گهٽ ڪري 5680 رپيا مقرر ڪرڻ کانسواءِ ايئر سيال پرائيويٽ لميٽيڊ جي ريگيولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائيسنس جي تجديد، دفاع واري وزارت کي پا??ستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج ۽ يلديز ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ترڪيءَ جي وچ ۾ تع??ون جي پروٽوڪول ۽ صحيحون ڪرڻ، پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري ۽ اسلام ??باد ميٽرو پوليٽن ڪلب جي عمارت وفاقي تع??يم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي حوالي ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان بلڊنگ ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جو اسلام ??باد ڪئمپس قائم ڪرڻ جي والي سان ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پنهنجون سفارشون جوڙيندي.