اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ هائوس ڪميٽي جو اجلاس سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيو، جنهن ۾ گذريل اجلاس ۾ ڏنل سفارشن تي عملدرآمد، پارليامينٽ جي لاجز جي روزمره جي تع??ير ۽ مرمت ۽ اضافي بلاڪن جي حوالي سان سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ادارن تفصيلي بريفنگ ڏني. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ لاجز جي اضافي بلاڪ جي تع??ير ۾ تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ سڀئي ادارا گڏيل رابطاڪاري جي ذريعي م??ئلن کي حل ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اضافي بلاڪس ۾ انتظامي سطح تي م??ئلا پيدا نه ٿيندا ۽ س??ني سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ڪجهه ڪميٽي جي ميمبرن سي ڊي اي عملدارن پاران پارليامينٽ لاجز جي تع??ير ۽ مرمت تي دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ مقرر سي ڊي اي جي عملي کي بار بار مسئلن جي حل لاءِ چيو ويو پر اڃا تائين مسئلا جيئن جو تيئن آهن ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي رهي.