اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي ڪري غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل اح??اس آهي، عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، حڪومتي سبسڊي جو شفاف ۽ موثر استعمال موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران ??ان پنهنجي صدارت ۾ معاشري جي مستحق ۽ غريب ماڻهن کي خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جي خريداري ۾ حڪومت پاران ??ڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي جي حوالي سان ??جلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير ڊ??ڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊ??ڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊ??ڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊ??ڪٽر رضا باقر، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي تجويز ڪيل اح??اس فوڊ اسٽيمپ پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊ??ڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ڄاڻايل پروگرام جي مقصدن ۽ طريقيڪار جي حوالي سان ??ريفنگ ڏني، ان پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي ضروري شين جي خريداري ۽ حڪومت پاران ??ڌي سنئين سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي سان مستحقين تائين حڪومتي امداد سڌي سنئين، شفاف طريقي ۽ فوري طور تي ميسر ايندي، ان پروگرام جو مقصد اڻ سڌي سبسڊي جي نظام کان ??ڌي سنئين مالي مدد جو طريقيڪار اختيار ڪرڻ آهي، وزيراعظم کي پروگرام مان فائدو کڻندڙ خاندانن ۽ ماڻهن جي انگن اکرن ۽ شروعاتي ڪاٿو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم تجويز ڪيل پروگرام کي ساراهيندي چيو ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي باوجود غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل اح??اس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ??ي هر ممڪن ڪوشش آهي ته غريب عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪيو وڃي، غريب عوام کي ريليف پهچائڻ اسان ??ي ذميداري آهي، اسان کي پنهنجي ذميداري جو مڪمل اح??اس آهي ۽ اسان ??ن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.