اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت ايندڙ مهيني فوڊ سيڪيورٽي بابت هڪ جامع پلان جو اعلان ڪندي. نجي بئنڪ??ون گهرن جي تعمير لاءِ 380 ارب روپيا قرض ڏينديُون، ماضي جي حڪومتن گهرن جي اسڪيمن جي نالي تي ڪرپشن ڪئي، ورڪرز ويلفيئر فنڊ ڪرپشن جو مرڪز بڻيل رهيو، سمنڊ پار پاڪستانين جا ڪيس تيزي سان اڪلائڻ لاءِ خصوصي عدالتون ٺاهيون ويون آه??، قبضا گروپ جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آه??، شهرن جو پکيڙ روڪڻ لاءِ ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت بنڊل آءِ لينڊ منصوبي لاءِ اجات نه ڏئي رهي آه??، اڳوڻين حڪومتن آبي ذخيرا نه ٺاهي ملڪ تي ظلم ڪيو، هائوسنگ ۽ ٻين منصوبن جا ثمر جلد سامهون اچڻ شروع ٿي ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪا به حڪومت سمورن ماڻهن جي لاءِ گهر تعمير نٿي ڪري سگهي ۽ حڪومت جو ڪم صرف آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سهولت ڏيڻ آه?? ته جيئن ماڻهو پنهنجا گهر خريد ڪري سگهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو گهرن جي تعمير جي لاءِ بئنڪن کي سهولت فر??هم ڪئي وئي آه?? ۽ نجي بئنڪ 380 ارب روپيا گهرن جي تعمير جي لاءِ قرض ڏينديون، 5 مرلي جي گهر تي 5 سيڪڙو جي شرح سان قرض ڏنو پيو وڃي ۽ ان کان وڌيڪ قرض تي حڪومت مدد فر??هم ڪندي آه??، ان سلسلي ۾ هڪ لک گهرن تائين 3 لک روپيا في گهر سبسڊي ڏني پئي وڃي ۽ 21 لک جو گهر 18 لک روپين ۾ ملي سگهي ٿو ۽ ان طرح مسواڙ جي رقم قسطن ۾ ادائيگي جي صورت ۾ ڏئي سگهجي ٿي، وزيراعظم چيو ته فور ڪلويئر لا جو معاملو حل ٿيڻ ۾ 2 سال جو عرصو لڳي ويو آه??، حڪومتي قدمن سان تعيمراتي شهبي کي فروغ حاصل ٿيندو، هن چيو ته ورڪرز ويلفيئر فنڊ ماضي ۾ ڪرپشن جو مرڪز هو، هتي سڀ ڪجهه ٿيندو هو پر مزدورن کي ڪجهه ن?? ملندو هو. 25 سال پراڻي اسڪيم موجوده حڪومت بحال ڪئي آه?? ۽ اڍائي سالن ۾ ماڻهن کي گهرن جي فر??همي يقيني بڻائي وئي آه??، ان تي سيد ذوالفقار عباس بخاري ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.