اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خا?? پاڪستان ۾ مقبول ترين اڳواڻ آهي، پاڪستان جي عوام کيس ووٽ ڏنو ۽ ان جي پرستار آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ به وزيراعظم عمران خان ڪاميابي حاصل ڪندو، چونڊيل حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، ڪووڊ – 19 بحران جي باوجود ملڪ جي واڌ جي شرح 3.94 سيڪڙو آهي، تقريبن 1100 ارب روپيا اربن اڪانومي کان هلندڙ اڪانومي ۾ منتقل ٿي، هن سال ??ار بمپر فصل ٿيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي بي سي جي پروگرام ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته چونڊيل حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، عمران خان گذريل عام چونڊن ۾ لکين ووٽ حاصل ڪيا، هو هڪ ايٽمي ملڪ جو وزيراعظم آهي، وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا اجتماعي فيصلا ڪندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪووڊ 19 جي حوالي سا?? پاڪستان جو رد عمل پوري د??يا ۾ سڀ کان بهتر رهيو آهي، هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ريمارڪس جو حوالو ڏنو ته ”وبا بابت پاڪستان د??يا جي لاءِ مثال قائم ڪيو، پاڪستان د??يا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر ان??از ۾ ڪم ڪيو“ هن چيو ته اهي لفظ ڪووڊ 19 جي صورتحال ??ي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي ڪامياب حڪمت عملي جو اظهار ڪن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ 5.5 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي، عوام کي ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سا?? پاڪستان د??يا جي صف اول جي 34 ملڪن ۾ شامل آهي جنهن ان??از سان اسان هلي رهيا آهيون، اسان ويڪسينيشن جي هدفن کي جلد حاصل ڪري وٺنداسين، هن وڌيڪ چيو ته ڪووڊ 19 جي صورتحال ??ي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪاميابي جزوي لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي آهي جنهن بهتر طريقي سان ڪم ڪيو، پاڪستان ۾ خطي جي ڪنهن حي ملڪ جي مقابلي ۾ صورتحال ??افي بهتر آهي.