اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سال 2020ع ۾ 323 ارب روپين جي وصولي تي قومي احتساب بيورو جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته معاشري مان بدعنواني جي خاتمي، شفاف گورننس ۽ احتساب جي فروغ لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا وڃن، بدعنواني کان پاڪ پاڪستان جي ويزن جي پڄاڻي لاءِ احتساب سڀني لاءِ يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، هو ??يب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ??يب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال صدر کي سال 2020ع ??اب?? ??يب جي رپورٽ پيش ڪئي، هن ??يب جي ڪارڪردگي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ??يب سال 2020ع ۾ 24 هزار 706 شڪايتون مليون، ان دوران گذريل سال جي شڪايتن سميت مجموعي طور تي 30 هزار 405 شڪايتون اڪلايون ويون، هن چيو ته ??يب 878 شڪايتن جي توسيع تي ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته 369 انڪوائريز ۽ 175 انويسٽيگشنز ڪيون ويون، ان کانسواءِ گذريل سال احتساب عدالتن ۾ 136 ريفرنس داخ?? ڪيا ويا، ??يب چيئرمين چيو ته سال 2020ع دوران پراسيڪيوشن ڪاميابي جو مجموعي تناسب 66 سيڪڙو رهيو، صدر سال 2020ع ۾ 323 ارب روپين جي رڪوري ڪرڻ تي ??يب جي واکاڻ ڪئي.