اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽيڪنيڪي اپ گريڊيشن ۽ جدت بابت جاپان ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ گڏيل منصوبن تي جلد عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان 6 ڏهاڪن تي ٻڌل گهڻ رخي فعال حصيداري جا حامل ملڪ آهن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل جاپ??ن جي سفير ڪني نوري مستودا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جاپ??ن جي سفير کي ٻڌايو ته پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان کي جديد ??ور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. هن ??يو ته حڪومت ناميارين قومي خابرو ادارن وانگر اي پي پي کي پريميم نيوز ايجنسي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ 11 جديد ??سٽوڊيوز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن جو مقصد اي پي پي جي جديد ??رين وڊيو نيوز سروس جي جوڙجڪ ۽ استحڪام آهي، وفاقي وزير جاپ??ن جي سفير کي ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومتي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن ??يو ته انساني وسيلن جي ت??بي?? جي فراهمي ۾ جاپ??ن جو تعاون ضروري هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير گيمنگ ۽ ايني ميشن جي ميدان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي به زور ڏيندي ??يو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اطلاعات واري وزير فلم، ڊرامه، پوڊ ڪاسٽ ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ جاپان سان گڏيل منصوبن جي ضرورت تي به زور ڏنو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ جاپ??ن جي سفير ميڊيا ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ جاپ??ن جي وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.