بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آباد??ار طبقي کي ملڪ جو سڀ کان قيمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي مستقبل، غربت ۾ گهٽتائي ۽ خوشحالي جي لاءِ آبادگارن جي مدد اسان جو فرض آهي، آباد??ار ڪارڊ هڪ انقلاب آهي، ان سان آبادگارن کي سڌوسنئون سبسڊي مل?? سگهندي، آبادگارن جي آ??دن?? ۾ اضافي سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو، پيداوار وڌندي، قيمتون گهٽ ٿينديون، پاڪستان جي مستقبل جو رستو تحقيق آهي، پاڪستان کي اڳتي وڌڻو آهي ته غربت جو خاتمو ڪرڻو پوندو. هو آباد??ار ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير سر??ار عثمان بوزدار، غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري خاص معاون جمشيد چيما پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي آبادگارن ۾ آباد??ار ڪارڊ پڻ ورهايا. هن زرعي شعبي ۾ تحقيق تي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اطهر اقبال، پروفيسر ڊاڪٽر اقبال بندي شاهه ۽ چين مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر علي کي ايوارڊ ڏنا. وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 83 لک آباد??ار اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي مدد سان مل?? ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو، هن ملڪ جي آبادگارن بابت اها مهم هلي رهي هئي ته جاگيردارن ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو پر ملڪ ۾ رڳو 26 هزار آبادگارن وٽ 125 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين آهي. هن چيو ته هن ملڪ جي جان آباد??ار آهن، تحريڪ انصاف جي دور ۾ سڀ کان سٺو ڪم اهو ٿيو ته آبادگارن وٽ 1100 ارب رپيا اضافي ويا، ان کان اڳ ڪمند جي آباد??ار کي شگر ملز جي طاقتور هجڻ جي ڪري قيمت نه مل?? رهي هئي، ملڪ ۾ قانون بدران طاقتور جي حڪمراني رهي، اسان قانون پاس ڪيو ته شگر ملز کي ڪريشنگ ڪڏهن شروع ڪرڻي آهي، جيڪي شگر ملز طئي ٿيل سيزن ۾ ڪريشنگ شروع نه ڪنديون انهن جي لاءِ سزائون مقرر ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ آبادگارن کي ڪڻڪ، مڪئي ۽ ڪمند جي طئي ٿيل قيمت مل??. وزيراعظم چيو ته اسان آباد??ار جي آ??دن?? ۾ اضافو ڪنداسين ته ان سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ڇو ته آباد??ار ڪمائيندو ته زمينن تي لڳائيندو ۽ ان سان اسان جي پيداوار وڌندي. قيمتون گهٽ ٿينديون، ملڪ ۾ مهانگائي جو وڏو سبب کاڌي پيتي جون شيون برآمد ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته 1947ع ۾ پاڪستان جي آبادي 4 ڪروڙ هئي جيڪا هاڻي وڌي ساڍا 22 ڪروڙ ٿي چڪي آهي، انهي تناسب سان اسان جي پيداوار ۾ به اضافو ٿيڻ گهرجي ها، ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿيڻ جي باوجود اسان 40 لک ٽن ڪڻڪ برآمد ڪئي، عالمي سطح تي کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري هتي به ان جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسان کي آبادگارن جي جديد ٽيڪنالاجي ۾ مدد ڪرڻي آهي، پاڪستان جي مستقبل جو رستو تحقيق آهي، ڪنهن وقت ۾ فيصل آباد يونيورسٽي تحقيق جو وڏو نالو هو جڏهن ته آهستي آهستي ان ۾ گهٽتائي آئي. هن چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ 12 موسمن سميت وڏين نعمتن سان نوازيو آهي، هتي هر فصل پوکي سگهجي ٿي جڏهن ته ان بابت تحقيق جي ضرورت آهي ته ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙي فصل پوکي وڃي، دنيا ۾ گهٽ پاڻي سان وڌيڪ پيداوار جا نوان طريقا آيا آهن. هن پروفيسر اقبال ۽ ڊاڪٽر علي کي ڪپهه کي دوائن کانسواءِ جيتن کان بچائڻ ۽ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ انهن جي تحقيق تي انهن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسلاميه يونيورسٽي کي اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو، اهي تحقيق ڪن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت انهن کي ڀرپور فنڊز ڏيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي اڳتي وڌڻو آهي ته غربت جو خاتمو ڪرڻو پوندو، ٿورو طبقو امير ۽ غريبن جو سمنڊ هجي ته مل?? ترقي نه ٿو ڪري سگهي، انسانيت جي گهرج آهي ته جيڪي ماڻهو پٺتي رهجي ويا آهن انهن کي مٿي اٿاريون، مديني جي رياست ۾ ڪمزور طبقن کي مٿي اٿاريو ويو، چين به اهو ئي اصول اختيار ڪري 70 ڪروڙ عوام کي غربت مان ڪڍيو، ڀارت ۽ چين هڪ وقت ۾ برابر هئا پر چين هاڻي عالمي طاقت بڻجڻ وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته آبادگارن جي مدد سان ملڪ خوشحال ٿيندو، اسان کي کاڌي پيتي جون شيون برآمد ڪرڻيون پيون آهن ان جي روڪٿام لاءِ آبادگارن جي مدد ڪرڻي پوندي، آباد??ار ڪارڊ هڪ انقلاب آهي، ماضي ۾ مختلف سببن جي ڪري آبادگارن تائين پئسو پهچائڻ مشڪل ڪم هو هاڻي اسان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو آهي، آبادگارن کي جيڪا سبسڊي مل??دي اها انهي ڪارڊ تي مل??دي اهو پنجاب حڪومت جو اهم قدم آهي، ٻين صوبن ۾ جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اتي به اهي ڪارڊ ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون وڪرو ٿيون، ٽيوٽا گاڏيون وڪرون ٿيون، ان جو مطلب آهي ته مل?? ترقي ڪري رهيو آهي، اسان ملڪ کي مشڪل مان ڪڍي استحڪام طرف آندو ۽ هاڻي مل?? ترقي ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته مشينري جي درآمد سان پرڏيهي ناڻو ٻاهر وڃي ٿو، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو هڪ وڏو سبب ملڪ ۾ سرمايو وڏي انگ ۾ نه اچڻ آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي سياست ۾ اچڻ کان اڳ اهو خواب هو ته هر پاڪستاني جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي سهولت هجي، اسان هيلٿ انشورنس جو پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن سان هر شهري ڪنهن به سرڪاري يا نجي اسپتال ۾ 10 لک رپين تائين پنهنجو علاج ڪرائي سگهندو. وزيراعظم چيو ته سندس والده جڏهن ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئي ته ان وقت اسان کي احساس ٿيو ته علاج ڪيترو مشڪل آهي، انهي جي ڪري اسان ڪينسر جي علاج جي لاءِ شوڪت خانم اسپتال ٺاهي جتي 70 سيڪڙو مريضن کي مفت علاج جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ هر شهري کي صحت ڪارڊ ڏنو پيو وڃي ائين امير ترين ملڪن ۾ به ممڪن نه آهي، هن ملڪ ٺاهڻ جو مقصد اسلامي فلاحي رياست هو جڏهن ته اسان ان کان پري نڪري ويا آهيون، هاڻي اسان ان مقصد طرف گامزن آهيون. وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي يقين ڏياريان ٿو ته توهان جي مدد اسان جو فرض آهي، اسان پنهنجي ملڪ جي مستقبل، غربت ۾ گهٽتائي ۽ خوشحالي جي لاءِ توهان جي مدد ڪنداسين، اسان جي حڪومت هر وقت آبادگارن سان گڏ بيٺل هوندي.