اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوني??رس??ين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ معياري تعليم جي فر??غ لاءِ آن لائين تعليم ۾ اضافو ڪن ۽ تحقيق ۽ جدت تي ڌيان ڏين، تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي تيار ڪرڻ لاءِ يوني??رس??ين جي ويزن جي جوڙجڪ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يوني??رس??ي آف ماڊرن لينگويجز، اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ تعليم جي فر??غ ۾ يوني??رس??ين جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته يوني??رس??ي جي مختلف پروگرامن ۾ 22 هزار شاگرد داخل ٿيا ۽ 77 هزار کان وڌيڪ شاگردن گريجوئيشن ڪئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته يوني??رس??ي مالي سال 21 – 2020ع دوران معذور ماڻهن سميت شاگردن کي 340 ملين روپين جون اسڪالرشپس فراهم ڪيون آهن، صدر ملڪ جي تعليمي ترقي ۾ يوني??رس??ي جي ڪردار کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 21 هين صدي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن کي فڪري طور تي اعليٰ گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يوني??رس??ي مئنيجمينٽ کي چيو ته اها آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ قائم ڪري ته جيئن نوجوانن کي روزگار جي مهارت فراهم ڪري سگهجي ته جيئن اهي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ حصو وجهي سگهن. صدر مختلف زبانن ۾ تحقيق ۽ ڇپائي جي شعبن ۾ نمل يوني??رس??ي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.