اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيف سيڪريٽرين کي حڪم ڏنو آهي ته اهي ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن ۾ استحڪام خاص طور تي منڊي ۽ پرچون اگهن ۾ غيرمنطقي فرق کي ختم ڪر?? جي حوالي سان هر ممڪن انتظامي قدمن کي يقيني بڻائين، کنڊ ۽ ڪڻڪ جي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ۽ وقت سر قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. وز??را??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم عمران خان جي صدارت ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي طلب ۽ پهچ ۽ ان جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خوراڪ واري وزير سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ڊاڪٽر شهباز گل، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، جمشيد اقبال چيما ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ سينيئر آفيسر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وز??را??ظم کي سڄي ملڪ ۾ عام ماڻهو جي استعمال ۾ ايندڙ ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن جو تقابلي جائزو خاص طور تي منڊي ۽ پرچون جي اگهن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو. ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي موجود اسٽاڪ ۽ مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪر?? جي حوالي سان کنيل قدمن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي آڻ?? جي حوالي سان کنيل قدمن کان پڻ اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. پنجاب جي چيف سيڪريٽري پنجاب صوبي ۾ قيمتن جي حوالي سان کنيل انتظامي قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قيمتن جي استحڪام جي ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين ۾ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، هيستائين 7 اسسٽنٽ ڪمشنرز، مارڪيٽ ڪميٽين جي ٻن سيڪريٽرين کي معطل جڏهن ته ٻن ڊپٽي ڪمشنرز کي وارننگ ڏني وئي آهي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻ?? جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان معاملا حتمي مرحلن ۾ آهن، ان جي نتيجي ۾ کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 10 کان 15 رپيا في ڪلو گهٽتائي جي اميد آهي. ان موقعي تي وز??را??ظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته عام ماڻهو جو تحفظ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وز??را??ظم چيف سيڪريٽرين کي حڪم ڏنو ته ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن ۾ استحڪام خاص طور تي منڊي ۽ پرچون ۾ غيرمنطقي فرق کي ختم ڪر?? جي حوالي سان هر ممڪن انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. وز??را??ظم چيو ته رڳو انتظامي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ناڪافي آهي، انتظامي قدمن جا نتيجا سامهون اچڻ گهرجن ته جيئن عوام کي ريليف ملي. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ جي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ۽ وقت سر قدمن کي يقيني بڻايو وڃي.