اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاري??ن موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ??ن موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد ۽ مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاري??ن موٽروي منصوبي جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. 69 ڪلوميٽر تي ٻڌل سيالڪوٽ – کاري??ن موٽروي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٻن سالن جي مدي ۾ مڪم?? ڪيو ويندو. سيالڪوٽ – کاري??ن موٽروي سمبڙيال انٽرچينج کان شروع ٿئي ٿي ۽ سيالڪوٽ ۽ گجرات جي ضلعن ۽ جلالپور جٽان، گجرات، لالا موسيٰ، دولت نگر شهرن جي ويجهو کان گذري ٿي جنڊ شريف وٽ ختم ٿئي ٿي. ??ن موٽروي جي پڄاڻي کاريان جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 11 ڪلوميٽر 7 قومي شاهراهه (اين 5) کان اٽڪل 9 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٿئي ٿي. 4 لين جي ??ن موٽروي تي 5 انٽرچينجز، هڪ سروس ايريا ۽ 2 ٽول پلازا ??عم??ر ڪيا ويندا. ??ن منصوبي جي پي سي ون جي لاڳت 32.103 ارب رپيا آهي ۽ ان کي 2 سالن ۾ مڪم?? ڪيو ويندو. سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاري??ن موٽروي جي ??عم??ر ۽ مڪمل ٿيڻ سان علائقي جي عوام کي جتي سموريون بنيادي سفري سهولتون ملنديون اتي انهن کي روزگار جا موقعا پڻ ملندا ۽ اهي خوشحال ٿي ملڪي ترقي تي وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي قابل ٿي سگهندا. سيالڪوٽ راندين جي مصنوعات جي تياري جي حوالي سان پوري دنيا ۾ شهرت رکندڙ شهر آهي. ڄاڻايل موٽروي جي ??عم??ر سان انهن مصنوعات جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ چرپر ۾ مدد ملندي جنهن س??ن ملڪ جي ترقي ۾ هڪ ٻئي سنگ ميل جو اضافو ٿيندو.