اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??الاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو غاصباڻو قبضو گهڻي دير نه رهندو، اتي سيد علي گيلاني جهڙا ماڻه?? پيدا ٿيندا رهندا ۽ ڪشمير جلد آزاد ٿيندو. هو بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. سيد علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز پارليامينٽ هائوس ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن، وزيرن، آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ٻين سياسي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ??الاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير جي آزادي تائين انهن جهڙا حريت پسند پيدا ٿيندا رهندا. هن چيو ته ??الاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلمن سان گڏوگڏ ڀارت جي ا??در سمورين اقليتن سان سلوڪ افسوسناڪ آهي، اها صورتحال ڀارت جي بربادي جو سبب بڻجندي جيڪو پاڻ پنهنجي ا??در تعصب ۽ اقليتن جي خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي. صدر چيو ته گڏيل قومون والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو پورو نه ڪيو جنهن سان انهن جي ساک متاثر ٿي آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون ضايع نه ٿينديون ۽ انهن جي آزادي جو خواب جلد پورو ٿيندو. ان موقعي تي غائبانه جنازي نماز ۾ شريڪ ٻين اڳواڻن پڻ سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو.