اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آه?? ته پاناما ??يپرز دنيا جي وڏن ڪرپٽ ماڻهن جي ٻاهرئين ملڪ لڪايل اثاثن کي بي نقاب ڪيو، هاڻي چيو پيو وڃ?? ته آئي سي آئي جي جي هڪ ٻي تحقيق سامهون اچي رهي آهي، عمران خان امير ملڪن تي زور ڏنو آه?? ته غر??ب ملڪن مان چوري ڪيل پئسو امير ملڪن ۾ لڪائڻ جي حوصل?? شڪني ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاناما ??انگر پنڊورا ليڪس ۾ غر??ب ملڪن جو پئسو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪرڻ جا تفصيل اچن ٿا ته ان سان وزيراعظم عمران خان جي موقف کي وڌيڪ سگهه ملندي. هن چيو ته اسان کي اميد آه?? ته اها تحقيقات به پاناما تحقيقات وانگر شفافيت جا نوان رستا کوليندي ۽ ڪرپشن جي حوصل?? شڪني جو هڪ ٻيو ذريعو بڻجندي.