اسلا?? آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ر??شن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي انگ ۾ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي معاشي بحالي، ر??شن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ تي بر??فن?? ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين هيستائين 2 لک چار هزار ر??شن ڊيجيٽل اڪائونٽ کولرايا. هن ٻڌايو ته اڪائونٽس جي انگ ۾ روزاني جي بنياد تي اٽڪل هڪ هزار اڪائونٽس جو اضافو ٿي رهيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ر??شن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ هيستائين ٻاهرئين ملڪ مان 2.3 ارب ڊالر موڪليا ويا آهن.