اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته برطانيه جي دوري دوران لنڊن ۾ برطانوي هم منصب سان ملاقات ڪري ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري جي هڪطرفي منسوخي جو معاملو اٿاريو هو، انگلينڊ ٽيم جو دورو بنا مشاورت جي ختم ڪرڻ سان نقصان ٿيو. پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته مون برطانيه جي دوري جي موقعي تي پنهنجي برطانوي هم منصب سان ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري جي هڪطرفي منسوخي جو معاملو اٿاريو هو، برطانوي پرڏيهي وزير خاطري ڪرائي ته هو اسان ??ا خدشا برطانوي ڪرڪيٽ بورڊ تائين پهچائيندو، انگلينڊ ٽيم جو دورو ڪينسل ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ جي شوقينن ۾ مايوسي هئي، شاهه محمود قريشي چيو ته انگلينڊ ٽيم جو دورو بنا مشاورت جي ختم ڪرڻ سان نقصان ٿيو، سرڪاري ٽي وي، عوام، پي سي بي سڀني جو نقصان ٿيو، برطانوي پرڏيهي وزير چيو ته اها سندس حڪومت نه پر ڪرڪيٽ بورڊ جو فيصلو هو. شاهه محمود قريشي چيو ته برطانوي پرڏيهي وزير خاطري ڪرائي ته هو اسان ??ا خدشا برطانوي ڪرڪيٽ بورڊ تائين پهچائيندو، ان ??بر مان لڳي ٿو ته پاڪستان ??و موقف رجسٽر ٿيو آهي، هن چيو ته اسان ??و مقصد سمجهائڻ هو ته اهڙا فيصلا ڪرڻ سان ??ثر پوندا آهن اهڙن فيصلن سان ??انديگرن، شوقينن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته انگلينڊ ٽيم کي پنهنجو شيڊول ڏسڻ گهرجي ته ه?? ڪڏهن اچي سگهي ٿي.