اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ عورتن ۽ نوجوانن جي شرڪت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊي??يٽ?? خال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ۽ پارليامينٽ جي ڊي??يٽ??ائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندي جنهن سان ڪارڪردگي ۾ ب??تري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي??يٽ?? تعاون تنظيم (ڊي سي او) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل ويمه اليحييٰ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آءِ ٽي وارو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت پڻ ان موقعي تي موجود هو. صدر چيو ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪستاني آءِ شعبي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. صدر چيو ته عورتون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهن ٿيون، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جو پروگرام ڊيجي اسڪلز هيستائين 10 لک نوجوانن کي تربيت ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊ??يٽ?? خال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. صدر ۽ پارليامينٽ جي ڊي??يٽ??ائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿيندي جنهن جي نتيجي ۾ ڪارڪردگي ۾ ب??تري ايندي. صدر عارف علوي چيو ته ڊي سي او ڊي??يٽ?? تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل تجربن مان سکڻ جي لاءِ بهترين پليٽ فارم آهي. ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان کي تنظيم جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ڊي سي او پاڪستان کي آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ دلڪش ملڪ طور پيش ڪندي، ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ڊي??يٽ?? تعاون تنظيم پاڪستان کي ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي ڪندڙ ملڪ طور اجاگر ڪندي ۽ عورتن ۽ نوجوانن کي ڊي??يٽ?? طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي. هن چيو ته ڊي سي او عورتن ۽ نوجوانن کي نوڪريون ڳولڻ بدران نوڪريون پ??دا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندي.