اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ ناڻي واري وزارت جي ??رجمان مزمل اسلم چيو آهي ته ڪوويڊ 19 سان پوري دنيا ۾ مهانگائي جو 50 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، عالمي منڊي ۾ کاڌي جي ??يل جي قيمت 100 سيڪڙو وڌي آهي، فرنس آئل سميت ٻين شين جي ??المي قيمتن ۾ پڻ ??ضا??و ٿيو، عالمي سطح تي مهانگائي جي ڪري هول سيل پرائس انڊيڪس ۾ 27 سيڪڙو ??ضا??و ٿيو، ان ۾ شامل سموريون شيون درآمدي آهن، عالمي سطح تي ٻن هفتن ۾ درآمدي شين ۾ گهٽتائي جا اثر جنوري ۽ فيبروري ۾ نظر ايندا، حڪومت پنهنجي ٽيڪسز ۾ گهٽتائي ڪري پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ??ضا??و پاڻ برداشت ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ ناڻي واري وزارت جو ترجمان مزمل اسلم گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عالمي سطح تي ڪورونا جي ڪري پوري دنيا ۾ مهانگائي ۾ ??ضا??و ٿيو آهي، ڪوويڊ 19 کانپوءِ هيستائين حالتون معمول تي ناهن آيون، پيٽروليم ۽ کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا ??ضا??و ٿيو آهي، کاڄرو تيل في ٽن قيمت 400 ڊالر کان وڌي 1300 ڊالر في ٽن تائين پهچي ويو، پاڪستان 70 سيڪڙو داليون درآمد ڪري ٿو ان لاءِ انهن جي قيمتن تي عالمي مهانگائي جو اثر پيو. هن ٻڌايو ته يورو زون ۾ مهانگائي 5 سيڪڙو، آمريڪا ۾ 6.2 سيڪڙو، ڪئ??اڊا ۾ 4.7 سيڪڙو، جرمني، فرانس ۽ برطانيا ۾ به مهانگائي ٿي، گڏيل قومن جي ??وراڪ ۽ زراعت واري اداري جي ??ازي رپورٽ موجب دنيا ۾ مهانگائي جو 50 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وفاق ۽ صوبن ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پيتروليم مصنوعات تي ٽيڪسز جي مد ۾ گهٽتائي ڪئ?? وئي، هيستائين 400 ارب جا ٽيڪسز گهٽ گڏ ٿيا. هن چيو ته کنڊ جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا ويا، انهي جي ڪري اڄ ملڪ ۾ کنڊ جي 60 رپين تائين في ڪلو قيمت گهٽ ٿي 86/90 رپين تائين پهچي وئي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ ڪمند جي ڪريشنگ آڪٽوبر ۾ شروع ٿي هئي، اتي جيڪا ڪريشنگ ٿي رهي هئي اها به روڪي وئي، سنڌ حڪومت ذخيره اندوزن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو، زرداري سنڌ شگر ملز جو سڀ کان وڏو بينيفشل آهي، پنجاب، خيبرپختونخواهه کنڊ ذخيرو ڪرڻ جي ??والي سان ڪارروائي ڪئ??، سنڌ حڪومت ڇو خاموش آهي، سائين سرڪار آبادگارن سان دشمني بند ڪري. هن چيو ته يُوريا جي ??خيره اندوزي جي ??لاف پنجاب حڪومت ڪارروائي ڪندي 345 ڪيس داخل ڪيا ۽ 244 ماڻهو گرفتار ڪيا، ان سان فرٽيلائيزر جي في ٻوري جي قيمت ۾ 400 رپيا گهٽ ٿي چڪا آهن. ناڻي واري وزارت جي ??رجمان مزمل اسلم چيو ته عالمي سطح تي مهانگائي جي ڪري ڊبليو پي آئي ۾ 27 سيڪڙو ??ضا??و ٿيو آهي، گاسليٽ ۾ 77 سيڪڙو، اسٽيل بار ۾ 64 سيڪڙو، ڊيزل ۾ 62 سيڪڙو، ويجيٽيبل گيهه ۾ 57 سيڪڙو ??ضا??و ٿيو آهي، ان ۾ سموريون درآمدي شيون شامل آهن. هن ٻڌايو تهک اڌي پيتي جي ??ين ۾ ڳوٺن ۾ مهانگائي 5.50 سيڪڙو جڏهن ته شهرن ۾ مهانگائي 2 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي. هن ٻڌايو ته عالمي منڊي ۾ کاڄرو تيل جي قيمت 100 سيڪڙو وڌي آهي، فرنس آئل سميت ٻين شين جي ??المي قيمتن ۾ پن ??ضا??و ٿيو. ناڻي واري وزارت جي ??رجمان مزمل اسلم چيو ته حڪومتي قدمن سان بصر، ٽماٽي، کنڊ، اٽي ۽ دال جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، بصر 37 سيڪڙو، دال مُڱ 27 سيڪڙو ۽ پٽاٽي جي قيمت ۾ 17.66 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، پيٽروليم مصنوعات جي ??المي قيمتن ۾ گذريل جمعي کان گهٽتائي جو رجحان آهي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان مهانگائي ترتيبوار گهٽ ٿيندي، چانور جي قيمت پورو سال مستحڪم رهي. هن چيو ته مني بجيٽ جا اثر عام ماڻهو تي نه پوندا، پاڪستان ۾ معيشت بهتري جي ??فر تي گامزن آهي. هن چيو ته پيٽرول جي قيمت 40 سيڪڙو وڌي ۽ کپت ۾ 15 سيڪڙو ??ضا??و ٿيو آهي.